- Advertisement -
آمريڪي صدارتي چونڊن لاءِ ووٽنگ جي شروعات ٿي وئي آهي، ملڪ ۾ 6 مختلف ٽائيم زون هجڻ سبب مختلف رياستن ۾ پولنگ جي شروعات ۽ پڄاڻي ڌار ڌار وقتن تي ٿيندي، ري پبليڪن اميداور ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو.
آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪي صدارتي چونڊن لاءِ ورمونٽ رياست ۾ پولنگ جو عمل جاري آهي، جڏهن ته نارٿ ڪيرولانا، اوهائيو ۽ ويسٽ ورجينيا ۾ به ووٽنگ جي شروعات ٿي وئي آهي.
نيويارڪ ۽ نيوجرزي ۾ به ووٽر پولنگ اسٽيشنن جو رخ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته نيو هيمپشر ۽ ڪنيٽي ڪٽ ۾ به ووٽنگ جاري آهي.
نارٿ ڪيرولانا سوئنگ اسٽيٽس ۾ شامل آهي، جيڪا ڪنهن به اميدوار جي ڪاميابي ۾ فيصلائتي هوندي.
آمريڪي صدراتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇڏيو.
آمريڪي ميڊيا موجب 7 ڪروڙ 89 لک ماڻهو اڳ ئي ووٽ ڪاسٽ ڪري چڪا آهن ۽ ڪنهن به اميدوار کي کٽڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 270 اليڪٽورل ووٽ گهربل هوندا.
آمريڪا ۾ صدارتي چونڊ ۾ اليڪشن جي ڏينهن ووٽنگ جي شروعات رات نيو هميپشائر ۾ ٿيو ۽ پهريون ووٽ نيو هيمپشائر جي هڪ ننڍي ڳوٺ ڊاڪسوائل نوچ ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو.
ڊاڪسوائل نوچ ۾ ڪل 6 ووٽ رجسٽر هئا، جن مان ڪملا هيرس ۽ ڊونلڊ ٽرمپ ٻنهي کي 3-3 ووٽ مليا.- Advertisement -
