تازه ترين

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان يوڪرين جنگ جلد ختم ٿيڻ جو امڪان ظاهر

- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يوڪرين جنگ جلد ختم ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪندي چيو آهي ته يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهيون سٺي نموني اڳتي وڌي رهيون آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب، گذريل ڏينهن امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان فرانسيسي صدر ميڪرون ايمانوئل ڪي وائٽ هائوس ۾ ملاقات ٿي. ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي امريڪي صدر ٽرمپ چيو ته يوڪرين جنگ ڪجهه هفتن ۾ ختم ٿي سگهي ٿي، يوڪرين جنگ جي خاتمي بابت ڳالهيون سٺي نموني اڳتي وڌي رهيون آهن، امن لاءِ يورپي فوج موڪلڻ ۾ ظاهري طور ڪوبه مسئلو ناهي. ٽرمپ چيو ته يوڪريني صدر سان هلندڙ يا ايندڙ هفتي ملاقات ڪندو، ڪنهن به موقعي تي روسي صدر سان به ملندو، مناسب وقت تي ماسڪو وڃڻ لاءِ به تيار آهي. امريڪي صدر جو چوڻ هو ته يوڪرين کي پنهنجو علائقو ڇڏڻ گھرجي يا نه ان بابت ڏسندا، روسي صدر پيوٽن يورپي امن دستن کي قبول ڪندو. ٻئي پاسي فرانسيسي صدر جو چوڻ هو ته سندن مقصد يوڪرين ۾ دير تائين امن قائم ڪرڻ آهي، هو يوڪرين جي ضمانت ڏيڻ لاءِ به تيار آهن. فرانسيسي صدر جو چوڻ هو ته امن مشن ۾ يورپي فوين کي شامل ڪري سگھجي ٿو، يورپي فوج فرنٽ لائين تي نه هوندو، ان جي صرف يوڪرين ۾ موجودگي ضمانت طور هوندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
53 %
1.6kmh
0 %
اڱارو
24 °
اربع
30 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون