- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ روس جي صدر ولاديمر پيوٽن وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ٽيليفونڪ رابطي دوران روس ۽ آمريڪي صدرن وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي صدرن گڏيل لاڳاپن ۽ يوڪرين جي معاملي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ مستقبل ۾ ملاقات تي اتفاق ڪيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب پيوٽن آمريڪي صدر ٽرمپ کي ماسڪو اچڻ جي دعوت ڏني.
ڪريملن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پيوٽن ۽ ٽرمپ وچ اوڀر، ٻه طرفن لاڳاپن، يوڪرين آمريڪا ۽ روس وچ ۾ قيدين جي مٽاسٽا تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته روسي صدر سان سندس ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.
پنهنجي بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهيون شروع ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته يوڪرين جي معاملي تي ڳالهين واريون ٽيمون جوڙڻ تي اتفاق ٿيو، هو يوڪرين جي صدر کي به يوڪرين ڳالهين بابت آگاهه ڪندو.- Advertisement -
