آمريڪي هٿياربند فوج پنهنجو قسم ياد رکي، آمريڪا ان نظرئي تي قائم ٿيو ته سڀ ماڻهو برابر آهن : جوبائيڊن

- Advertisement -
آمريڪي صدر جوبائيڊن پنهنجي ملڪ جي هٿياربند فوج کي چيو آهي ته آمريڪي هٿياربند فوج پنهنجو قسم ياد رکي. آمريڪي فوج طرفان ڏنل الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي جوبائيڊن چيو ته آمريڪا ان نظرئي تي قائم ٿيو ته سڀ ماڻهو برابر آهن. آمريڪي صدر  فوج کي مخاطب ٿيندي وڌيڪ چيو ته اوهان هڪ سيڪڙو آهيو، جيڪي 99 سيڪڙو آمريڪين جو بچاءُ ڪري ٿو، ان ڪري اوهان لاءِ اسان جي دلين ۾ خاص جاءِ آهي. بچاءَ واري وزير  لائيڊ آسٽن خطاب ڪندي چيو ته جوبائيڊن جي قيادت ۾ آمريڪا روس خلاف يوڪرين جو بچاءُ ڪيو، غزا ۾ جنگبندي ڪرائي، حماس جي قيد مان آمريڪي يرغمالين کي آزاد ڪرايو. لائيڊ آسٽن وڌيڪ چيو ته جوبائيڊن جو ڳجهو هٿيار خاتون اول جل بائيڊن آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.9 ° C
30.9 °
30.9 °
15%
3.6m/s
0%
خميس
30 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون