جنگبندي معاهدي باوجود اسرائيل جا غزا ۾ حملا جاري، 87 فلسطيني شهيد، 250 زخمي

- Advertisement -
جنگبندي معاهدي باوجود غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾ 87 فلسطيني شهيد ۽ 250 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. جنگبندي معاهدي باوجود اسرائيل جا غزا ۾ حملا جاري آهن، حملن جي نتيجي ۾ 87 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 250 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فلسطيني ميڊيا موجب اسرائيل غزا ۾ 50 هنڌن تي بمباري ڪئي. فلسطيني بچاءَ واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فورسز پناهگيرن ڪئمپن ۽ گهرن کي نشانو بڻايو، بمباري سبب شهيد ٿيندڙن ۾ 23 ۽ 27 به عورتون شامل آهن. اتر ۽ ڏکڻ غزا تي  حملن ۾ 21 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته نصيرات ڪئمپ، الشاطي، جباليه، رفح، خان يونس ۽ ٻين علائقن ۾ حملن سبب 40 فلسطينين شهادت ماڻي. غزا ۾ شهيدن جو مجموعي انگ 46 هزار 788 ٿي ويو، جڏهن ته هڪ لک 10 هزار 456 زخمي ٿي چڪا آهن. هوڏانهن اسرائيلي ڪابينا ۾ جنگبندي معاهدي تي ووٽنگ اڄ ٿيندي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي وزير بيگ گويري جنگبندي معاهدي جي صورت ۾ حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. اپوزيشن ليڊر يائر لاپڊ جو چوڻ آهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو نه ڊڄي، قيدين جي آزادي واري معاهدي کي ترجيح ڏئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.9 ° C
30.9 °
30.9 °
15%
3.6m/s
0%
خميس
30 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون