تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آمريڪي هٿيار افغانستان ۾ هئڻ آمريڪا جو اندروني معاملو آهي، جنهن تي پاڪستان جو ڪوبه موقف ناهي : شفقت علي خان

- Advertisement -
پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته آمريڪي هٿيار افغانستان ۾ هئڻ آمريڪا جو اندروني معاملو آهي، جنهن تي پاڪستان جو ڪوبه موقف ناهي، افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي جديد هٿيار دهشتگرد استعمال ڪري رهيا آهن، آمريڪي هٿيار پاڪستان اندر دهشتگردي لاءِ استعمال ٿين پيا، افغانستان ۾ دهشتگردن جي محفوظ ٿاڪن بابت خدشا آهن، پاڪستاني حدن ۾ چيڪ پوسٽ ٺاهڻ جي ڪوشش تي افغان سرحد بند ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي شفقت علي خان چيو ته وزيراعظم شهباز شريف، صدر الهام عليوف جي دعوت تي آذربائيجان جو دورو ڪيو، وزيراعظم، صدر شوڪت ميرزايوف جي دعوت تي ازبڪستان جو دورو ڪيو. سندس چوڻ هو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اسحاق ڊار غزا والاريل ڪشمير جي صورتحال بابت سنجيده خدشن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، چيني پرڏيهي وزير ۽ نيويارڪ ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سان به ملاقات ڪئي. هن چيو ته آءِ اِي اي اِي جي ڊي جي رافائيل ماريانوگروسي پاڪستان جو دورو ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي ابوظهبي جي ولي عهد پاڪستان جو دورو ڪيو، شيخ خالد بن محمد جو پاڪستان جو پهريون دورو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته آمريڪي هٿيار افغانستان ۾ هئڻ آمريڪا جو اندروني معاملو آهي، جنهن تي پاڪستان جو ڪوبه موقف ناهي. شفقت علي خان چيو ته افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي جديد هٿيار دهشتگرد استعمال ڪري رهيا آهن، آمريڪي هٿيار پاڪستان اندر دهشتگردي لاءِ استعمال ٿين پيا، افغانستان ۾ دهشتگردن جي محفوظ ٿاڪن بابت خدشا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
4 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
13 %
2.3kmh
4 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون