تازه ترين

آمريڪي ڊپٽي چيف آف مشن نَٽالي ايَ بِيڪر  اسلام آباد ۾ ڊپٽي چيف آف مشن طور ذميواريون سنڀالي ورتيون

- Advertisement -
آمريڪي ڊپٽي چيف آف مشن نَٽالي ايَ بِيڪر  اسلام آباد ۾ ڊپٽي چيف آف مشن طور ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. نٽالي ان کان اڳ قطر جي گادي واري شهر دوحا ۾ قائم آمريڪي سفارتخاني ۾ ڊپٽي چيف آف مشن طور خدمتون سرانجام ڏنيون. نٽالي آمريڪي پرڏيهي وزارت جي بيورو آف نيئر ايسٽرن افيئرز ۾ اتر افريڪي معاملن جي ڊائريڪٽر پڻ رهي چڪي آهي. نَٽالي ايَ بِيڪر لبيا ۾ آمريڪي مشن جي ڊپٽي چيف ۽ چارج  ڊي افيئرز،  دبئي ۾ آمريڪي قونصل خاني ۾ ايران بابت آفيس جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ڪويت ۾  قائم آمريڪي سفارتخاني ۾ اڪنامڪ ڪائونسلر طور خدمتون  سرانجام ڏنيون. نٽالي ايَ بيڪر عراق مان آمريڪي فوج جي نڪرڻ جي حمايت لاءِ بچاءَ واري کاتي سان ڪم پڻ ڪيو. 2009 کان 2011ع تائين نٽاليءَ لبيا ۾ سياسي ۽ اقتصادي صلاحڪار طور ڪم ڪيو، ڇاڪاڻ ته ٻطرفا لاڳاپا ٽيهن ورهين کانپوءِ معمول تي اچي رهيا هئا، هوءَ لبيا ۾ ان وقت تائين رهي جيستائين لبيا جي انقلاب فيبروري 2011ع ۾ آمريڪي سفارتخالي کي خالي ڪرڻ تي مجبور ڪيو. نٽالي جي اڳوڻين اسائنمينٽس ۾ بيورو آف نيئر ايسٽرن افيئرز ۾  اسپيشل اسسٽنٽ، اسلام آباد ۾ قونصلر آفيسر ۽ اشڪ آباد  ترڪمانستان ۾ ڪلچرل آفيسر شامل آهي. نٽالي پرنسٽن يونيورسٽيءَ مان بيچلر جي ڊگري ۽ هارورڊ يونيورسٽي  مان پبلڪ پاليسي ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي آهي، هوءَ  نيشنل وار ڪاليج، نيشنل ڊفينس يونيورسٽي آف آميرڪا جي بهترين گريجوئيٽ پڻ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
26 ° C
26 °
26 °
29 %
1.3kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون