تازه ترين

دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي ترقي کان روڪي نٿي سگهي :سرفراز بگٽي

- Advertisement -
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته پاڪستان خلاف سموريون سازشون ناڪام بڻائيندا، ملڪي ترقي کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. ڪوئٽا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته  دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي ترقي کان روڪي نٿي سگهي، اڄوڪو ڏينهن سندن لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي، اڄ کان مزدورن جا ٻار نئين زندگي شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهن. هن چيو ته  پاڪستان کي ڪا به طاقت نقصان نٿي پهچائي سگهي، حڪومت اهڙا وڌيڪ قدم کڻندي. سندس چوڻ هو ته شاگرد بلوچستان جا سفير آهن، شاگردن کي بهترين تعليم سان گڏ صوبي ۽ پاڪستان جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته شاگرد تعليم تي ڌيان ڏين، تعليم سان ئي تبديلي ايندي آهي. ان کان اڳ ڪوئٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته سڄي پاڪستان کي آزادي جون واڌايون پيش ڪريان ٿو، بلوچستان جي هر ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ جشن آزادي جو ڏهاڙو ملهايو ويو. سندس چوڻ هو ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن، ڊپٽي ڪمشنر پنجگور کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، هي واقعو بي ايل اي جو هو، بلوچن جي نسل ڪشي ته پاڻ هي عنصر ڪري رهيا آهن. سرفراز بگٽي چيو ته هو ذاڪر بلوچ جي قتل جي مذمت ڪن ٿا، سندس خاندان جي مڪمل مدد ڪندا، احتجاج جي نالي تي بلوچستان ۾ بدامني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته 14 آگسٽ تي هنن بلوچستان جي مختلف تعلقن ۾ 21 نادرا سينٽرز جو افتتاح ڪيو آهي، صوبي جي 500 شاگردن کي اسلام آباد ۾ تعليم ڏياري ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21 ° C
21 °
21 °
43 %
1.4kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون