تازه ترين

ٻيهر اڳرائي ڪئي وئي ته ڀارت جي جاگرافيائي حفاظتي تصور کي هميشه لاءِ ختم ڪيو ويندو: آرمي چيف

- Advertisement -
آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير ڀارتي فوجي قيادت کي خبردار ڪندي چيو آهي ته  ائٽمي ماحول ۾ ٻنهي ملڪن ۾ جنگ لاءِ ڪابه گنجائش نه آهي، ڪنهن به قسم جي ننڍي اڳرائي جو فيصلائتو جواب ڏنو ويندو، پاڪستان سان بنيادي مسئلن کي عالمي اصولن موجب حل ڪيو وڃي، هو اوهان جي بيان بازي سان ڪڏهن خوفزده نه ٿيندا. پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته آپريشن بنيان مرصوص دوران قوم پنهنجي فوج سان لوهي ڀت جو ڪردار ادا ڪيو، قوم جو فوج تي اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿيو. هن چيو ته ڀارت جلد بازي ۾ الزام لڳايا ۽ اڻڌري جاچ کان پاسو ڪيو، ڀارتي اڳرائي خلاف قوم پهريان کان وڌيڪ متحد ٿي ۽ پاڪ فوج قوم جي حمايت سان سرحدن جو ڪاميابي سان دفاع ڪيو. آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪستان ازلي دشمن خلاف انتهائي پيشواراڻي انداز ۾ ڪارروايون ڪندي رافيل جهازن کي ڪيرايو، دشمن جي ڪيترين ئي بيسن سميت ايس 400 سسٽم کي نشانو بڻايو، پاڪستان ملٽي ڊومين وارفيئر صلاحيتن جو به ڀرپور مظاهرو ڪيو. هن چيو ته الله جي فضل ۽ قومي عزم سان هنن لوهي ڀت جيان دشمن جو مقابلو ڪيو، ڀارت جي هٿ ٺوڪيا ثبوت پيش ڪرڻ علامت آهي، ڀارتي حڪمران پنهنجي ڪريل مقصدن لاءِ دهشتگردي کي سياسي رنگ ڏنو. سندس چوڻ هو ته  پاڪستان پاڻ کان وڏي دشمن خلاف پنهنجي واضح فتح سان نه رڳو عوام پر عالمي برادري جو به داد حاصل ڪيو، نوجوانن ۾ اهو اعتماد به مضبوط ٿيو ته پاڪ فوج قومي طاقت جو بنيادي ٿنڀ آهي. آرمي چيف  فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته هو قوم کي يقين ڏياري ٿو ته مقدس ڌرتي جو هڪ انچ به دشمن حوالي ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ڀيٽا پيش ڪن ٿا هر سپاهي، سيلر، هوائي فوج جي جوانن، مردن، عورتن، ٻارڙن ۽ بزرگن کي جن ڏکي حالتن ۾ پنهنجي جانين جو نظرانو ڏنو. هن چيو ته وطن جي دفاع ۾ شهيد ٿيلن جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو، پاڪ فوج دنيا جي بهترين فوج آهي، دشمن پاڪ فوج ۽ عوام وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. سندس چوڻ هو ته شهيدن جي قربانين سبب هو اڄ آزادي واري زندگي گزاري رهيا آهن، دشمن پنهنجي ڪريل مقصدن لاءِ سندن عوام ۽ پاڪ فوج وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ چاهن ٿا. آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته پاڪستان جو دفاعي نظريو ڪريڊيبل ڊيٽرنس ۽ دائمي تياري تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ سمورين صلاحيتن کي استعمال ڪيو ويو آهي، فوج روايتي ميدان ۾ به دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. هن چيو ته ٻيهر اڳرائي جي ڪوشش ڪئي وئي ته پاڪستان دشمن کي اميدن کان وڌيڪ سخت جواب ڏيندو، جنگ ۾ سندن هٿيار وڌيڪ نقصان ڏيندڙ ثابت ٿيندا آهن، ڀارت جو جاگرافيائي وسعت جو هٿ ٺوڪيو حفاظتي تصور ختم ڪري ڇڏيندا. سندس چوڻ هو ته هو ڀارتي فوجي قيادت کي خبردار ڪن ٿا ته نيو ڪليئر انوائرمينٽ ۾ ٻنهي ملڪن ۾ جنگ لاءِ ڪابه گنجائش نه آهي، پاڪستان سان بنيادي مسئلن کي عالمي اصولن موجب حل ڪيو وڃي. آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته هو اوهان جي بيان بازي سان ڪڏهن خوفزده نه ٿيندا، ڪنهن به قسم جي ننڍي اڳرائي جو به فيصلائتو جواب ڏنو ويندو، ايندڙ ڇڪتاڻ جي ذميواري آخرڪار خطي، ان کان ٻاهر لاءِ تباهي مچائيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿي. فيلڊ مارشل عاصم منير چيو ته دنيا سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ تشدد جي استعمال جهڙن طريقن جي واضح تبديلي ڏسي رهي آهي، پاڪستان خطي ۾ ڪاميابي سان نيٽ ريجنل اسٽيبلائيزر طور اڀريو آهي، عالمي طاقتن خاص طور مسلم دنيا سان سندن لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان مستقل طور خطي ۽ ان کان ٻاهر امن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جو ثبوت ڏنو آهي، سندن هٿياربند فوج سڄي دنيا ۾ گڏيل قومن جي امن مشن ۾ وڏي انگ ۾ شامل ٿيندي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
25.9 ° C
25.9 °
25.9 °
25 %
0.9kmh
13 %
خميس
25 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
34 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون