تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اتحادي حڪومت جو آخري ڏينهن، نگران وزيراعظم ڪير ٿيندو؟

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اتحادي حڪومت جو آخري ڏينهن، نگران وزيراعظم ڪير ٿيندو؟، نالي جو اڃا تائين فيصلو نه ٿي سگهيو جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض ۾ ملاقات اڄ ٿيندي.

ذريعن موجب، ملاقات دوران مخالف ڌر جو اڳواڻ نگران وزيراعظم لاءِ پنهنجا نالا وزيراعظم شهباز شريف کي پيش ڪندو، جڏهن ته راجا رياض جي نالن ۾ ڪوبه سياستدان شامل ناهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جي نالن ۾ حفيظ شيخ جو نالو به شامل ناهي.

وزيراعظم شهباز شريف صلاح مشورن بعد نگران وزيراعظم جي مقرري ڪندو.

نگران وزيراعظم جو فيصلو نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو پارلياماني ڪميٽي ڏانهن هليو ويندو.

 پارلياماني ڪميٽي فيصلو نه ڪري سگهي ته اليڪشن ڪميشن نگران وزيراعظم جو نالو فائنل ڪندي.

نگران وزيراعظم لاءِ هن وقت تائين جيڪي نالا سامهون آيا آهن انهن ۾ شاهد خاقان عباسي، حفيظ شيخ، جسٽس رٽائرڊ خليل الرحمان رمدي، مقبول باقر، فواد حسن فواد، گوهر اعجاز، اڳوڻو آرمي چيف راحيل شريف ۽ محسن نقوي شامل آهن.

ذريعن موجب، سامهون آيل نالن مان اڃا تائين ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق ناهي ٿي سگهيو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
22.9 ° C
22.9 °
22.9 °
30 %
3.6kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون