- Advertisement -
اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران ٻارهن دهشتگرد مارجي ويا ۽ پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد ٿي ويو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيوويو ته سڪيورٽي فورسز ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي اتر وزيرستان جي حسن خيل واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي.
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 12 دهشٽگرد مارجي ويا ۽ پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد ٿي ويو.
آءِ ايس پي آر موجب شهيد 35 ورهين جي لانس نائڪ محمد ابراهيم جو تعلق هنگو ضلعي سان هو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي، سڪيورٽي فورسز ملڪ ۾ دهشتگردي جي لعنت ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، بهادر جوانن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.- Advertisement -
