- Advertisement -
ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن سان ادارو وفاق جي واٽر ڊويزن جي ماتحت ٿي ويندو.
سنڌ ٽي وي نيوز انويسٽيگيشن سيل ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن جا تفصيل حاصل ڪري ورتا.
ارسا ايڪٽ ۾ ترميم سان پنجاب کي ڊيمن، ڪئنالن جي اڏاوت ۽ پاڻي کڻڻ جي ڇوٽ ملي ويندي.
گڏيل مفادن جي ڪائونسل جي جاءِ تي وفاق اچي ويندو، صوبائي خودمختياري ۾ سڌي مداخلت سبب پاڻي جي ورڇ وارا طئي ٿيل سڀ معاملا ختم ٿي ويندا.
چيئرمين ۽ سندن ماهرن جي ڪميٽي ٽيليميٽري جي ماپ تحت مرضي جي ورڇ ڪندي.
صوبن جي انگن اکرن جي اهميت ختم ٿي ويندي ۽ صوبا عدالت نه وڃي سگهندا.
وفاق جو رکيل چيئرمين مڪمل طور بااختيار ۽ صوبائي نمائندا بي اثر هوندا.
چيئرمين ماهرن جي ڪميٽي جوڙيندو جيڪا سڌي نموني صوبن جي معاملن ۾ مداخلت ڪري، ايريگيشن وارن ي آرڊر ڏئي ۽ حڪم عدولي تي هٽائي سگهندي.
ڪمرشل فارمنگ لاءِ پاڻي جي ڪمرشل وڪري لاءِ چيئرمين پاڻمرادو فيصلا ڪري سگهندو ۽ صوبا پنهنجي حصي کان محروم ٿي ويندا.
ايريگيشن جي ڪنهن به هنڌ کي اسٽريٽجڪ اثاثو قرار ڏئي چيئرمين ان تي سڌڌي ريت ڪنٽرول ڪري فوج بيهاري سگهندو،
عملي طور اپريل ۽ مئي واري پاڻي کوٽ لڳ ڀڳ سڄو سال رهندي ۽ بيراجن ۾ واري اڏامندي.- Advertisement -
