- Advertisement -
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو آهي ته هو الله پاڪ ۽ قومي هيرو ارشد نديم جا ٿورائتا آهن، جن ملڪ ۽ قوم کي عزت ڏياري، اڄ گورنر هائوس ۾ ارشد نديم موجود آهي.
پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ ارشد نديم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪامران ٽسوري چيو ته گورنر هائوس ۾ ارشد نديم لاءِ هڪ پروگرام ڪرايو ويو جنهن ۾ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ گورنر هائوس ماڻهن جي نعرن سان گونجي اٿيو، عوام ارشد نديم جا نعرا هنيا.
سندس چوڻ هو ته ارشد نديم حيدرآباد، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ ويندو، گورنر هائوس مان سندس دوستن 10 ڪروڙ رپين جي ماليت جي شين جو اعلان ڪيو، سنڌ سرڪار طرفان ارشد نديم کي 5 ڪروڙ جو چيڪ ڏنو ويندو.
گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري چيو ته ارشد نديم گولڊ ميڊل حاصل ڪري آزادي جي مزي کي هزارين ڀيرا وڌائي ڇڏيو آهي، هو ارشد نديم کي پاڪستان جي شينهن جو لقب ڏين ٿا، وسيلن کان محروم رانديگرن جي مدد ڪئي ويندي، ارشد نديم جي ڪاميابي جو ثمر ملڪي معيشيت تي به ايندا.
گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ ارشد نديم چيو ته هو الله تعاليٰ جو ٿورائتو آهي، والدين ۽ سڄي قوم جي دعائن سان پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ائين ئي پيار ملندو رهيو ته ملڪ لاءِ وڌيڪ گولڊ ميڊل حاصل ڪندو، سندس طرفان هڪ سئو ليپ ٽاپ گورنر هائوس ۾ پڙهندڙ ٻارن لاءِ تحفو آهن.
گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم چيو ته پهرين جيولن ٿرو صحيح نه ڪيو، ٻئي ٿرو تي الله تعاليٰ ڪاميابي ڏني ۽ رڪارڊ قائم ڪيو.- Advertisement -
