تازه ترين

جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ گم ٿي ويو آهي ته سندس ڳولا ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي : سنڌ هاءِ ڪورٽ

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ گم ٿي ويو آهي ته سندس ڳولا ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايف آءِ اي جي رٽائرڊ آفيسر سميت 10 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت پوليس جي روايتي ڪارروائي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسٽيريوٽائپ رپورٽون ڪاپي پيسٽ ڪري عدالت ۾ پيش ڪيون وينديون آهن، جڏهن گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ قدم ئي نه کنيا ويا آهن ته لکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيل شهري ارسلان جي وارثن کي معاوضو ادا ڪيو ويو؟، جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته ارسلان جي جبري گمشدگي جو تعين ناهي ڪيو ويو، عدالت چيو ته جڏهن معاوضو نه ڏنو ويو ته رپورٽ ۾ ڇو لکيو ويو؟. هڪ ٻئي ڪيس ۾ پوليس آفيسر جواب عدالت کي ٻڌايو ته حيدر بوٽ بيسن وٽان  پاڻ گم ٿي ويو آهي، کيس ڪنهن ايجنسي حراست ۾ ناهي ورتو، جنهن تي عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪو گم ٿي ويو آهي ته ان جي ڳولا ڪرڻ  رياست جي ذميواري آهي، رياست پنهنجي ذميواري کان منهن نٿي ڦيري سگهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي جي رٽائرڊ آفيسر کي ڳولڻ لاءِ جي آءِ ٽي جو فوري اجلاس گهرائڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ موثر قدم کڻڻ جو حڪم ڏيندي ٽن هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
46 %
1.7kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون