تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

ارڙهين ترميم ملڪي جمهوري تاريخ ۾ اهم اڳڀرائي ثابت ٿي: يوسف رضا گيلاني

- Advertisement -
سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته ارڙهين ترميم ملڪي جمهوري تاريخ ۾ اهم اڳڀرائي ثابت ٿي، هن ترميم جي نتيجي ۾ وفاق کان انتظامي ۽ مالياتي اختيار صوبن کي منتقل ٿيا. اسلام آباد ۾ ارڙهين اسپيڪر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي يوسف رضا گيلاني چيو ته اسپيڪر ڪانفرنس پارلياماني نظام جي مضبوطي لاءِ بهترين فورم آهي، ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستان جي جمهوري ادارن جا محافظ آهن. سندس چوڻ هو ته ارڙهين ترميم ملڪي جمهوري تاريخ ۾ اهم اڳڀرائي ثابت ٿي، هن ترميم جي نتيجي ۾ وفاق کان انتظامي ۽ مالياتي اختيار صوبن کي منتقل ٿيا. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو ته ارڙهين ترميم جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ حقيقي معنيٰ ۾ پارلياماني نظام قائم ٿيو، جمهوري ادارن جي مضبوطي ۾ اضافو سندن گڏيل ذميواري آهي. يوسف رضا گيلاني چيو ته اميد آهي جمهوري ادارا پيش ايندڙ گورننس مسئلن جي حل لاءِ اجتماعي شعور کي قطب آڻيندا، عوام کي بنيادي حقن جي فراهمي لاءِ پارلياماني نظام اهم آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
24 %
3.9kmh
1 %
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون