تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اسان حڪومت ۾ اربع تائين آهيون پوءِ نگران حڪومت اچي ويندي: منظور وساڻ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته هو اربع تائين حڪومت ۾ آهن پوءِ نگران حڪومت اچي ويندي، نگران سيٽ اپ ايندڙ سال فيبروري تائين هلندو، نگران حڪومت جي مدي ۾ واڌ به ٿي سگهي ٿي، عام چونڊون وقت تي نه ٿينديون، نگران حڪومت جو ڪم چونڊون ڪرائڻ آهي پر ٻيو ڪجهه به ڪري سگهن ٿا، نگران حڪومت کي ڪاررواين جا اختيار به ملي سگهن ٿا.

ڪنب ۾ مختلف ھنڌن تي روڊن جا افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته حڪومت ۾ اربع تائين آھي پوءِ نگران حڪومت اچي ويندي، سندس خيال ۾ نگران سيٽ اپ فيبروري 2024 کان اڳتي تائين ھلندو ۽ اھو به ٿي سگھي ٿو ته نگران سيٽ اپ ۾ وڌيڪ واڌ ٿئي.

سندس چوڻ هو ته نگران حڪومت دوران ڪجھه به ٿي سگھي ٿو، عام چونڊون وقت تي نه ٿينديون.

صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو ته ملڪ مسئلن ۾ آھي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين به مئسلن ۾ آهي، نگران حڪومت جو ڪم اليڪشن ڪرائڻ آھي پر ھو ٻيو ڪجھه به ڪري سگھن ٿا.

منظور وساڻ چيو ته ٿي سگھي ٿو ته نگران حڪومت کي ڪاررواين جا اختيار به ملي وڃن، جي ڊي اي اڌ کان وڌيڪ ٽٽي وئي آھي رهيل اميدوار پ پ ۾ شامل ٿي ويندا ڪجھه وري نه ليگ ۾ ھليا ويندا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
33 %
2.5kmh
6 %
ڇنڇر
22 °
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون