تازه ترين

استاد کي سمورن معاشرن ۾ اعليٰ حيثيت حاصل رهي آهي:سردار علي شاهه

- Advertisement -
تعليم واري صوبائي وزير سردار علي شاهه چيو آهي ته استاد کي سمورن معاشرن ۾ اعليٰ حيثيت حاصل رهي آهي، سندن اسڪولن ۾ قابل استادن جي ڪا کوٽ ناهي. تعليم واري وزير سردار علي شاهه استادن جي عالمي ڏينهن تي ڪراچي ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پڙهائڻ جي معيار کي وڌيڪ بهتر ڪري هو ايندڙ نسل  کي وڌيڪ قابل بڻائي سگهن ٿا. هن چيو ته سنڌ حڪومت اسڪولن ۾ پڙهائڻ جي معيار کي جديد انداز ۾ بهتر ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته اسڪولن ۾ استادن جي معيار کي بهتر ڪرڻ جو عمل مسلسل جاري آهي، جيڪڏهن هنن استادن کي معيار کي بهتر ڪري ورتو ته کين ترقي کان ڪير روڪي نتو سگهي. سردار علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ تعليم کي هڪ مڪمل پروفيشن طور تسليم ڪندي ٽيچرز الائونس متعارف ڪرايو ويو. هن چيو ته اسڪولن ۾ استادن جو تقدس ڪجهه ماڻهن جي ڪري متاثر ٿيو آهي، سندن اسڪولن ۾ قابل استادن جي ڪا کوٽ ناهي. سندس چوڻ هو ته معاشري مان استاد جي ڪردار کي جيڪڏهن الڳ ڪيو وڃي ته سندن وجود خطري ۾ پئجي ويندو، پنهنجي پروفيشن کي سچائي سان نڀائيندڙ استادن کي سلام پيش ڪري ٿو. ان موقعي تي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد علي عباسي به خطاب ڪيو. تقريب ۾ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان نمايان تصور پيش ڪندڙ استادن کي انعام به ڏنا ويا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
47 %
2.4kmh
1 %
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون