اسد قيصر طرفان ڪي پي جي وڏي وزير کي وفاقي حڪومت سان رابطا ختم ڪرڻ جي صلاح حيران ڪندڙ آهي: شيري رحمان

- Advertisement -
پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته اسد قيصر طرفان ڪي پي جي وڏي وزير کي وفاقي حڪومت سان رابطا ختم ڪرڻ جي صلاح حيران ڪندڙ آهي. جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو ته ڪي پي حڪومت کي مفاهمت بدران مزاحمت ڪرڻ جي هدايت به ڳڻتي جوڳي آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ صوبي کي وفاق سان ٽڪراءُ جي صلاح نه ڏين، اهو ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ فائديمند ناهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت سان سخت اختلافن ۽ خدشن باوجود پارٽيءَ سنڌ حڪومت کي اهڙي قسم هدايت نه ڪئي. شيري رحمان چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجو آئيني فرض ادا ڪندي رهندي، هڪ صوبي کي وفاق خلاف ڀڙڪائڻ ڪا سياست ناهي. پ پ سينيٽر چيو ته وفاق آڏو پنهنجا خدشا ۽ مطالبا رکڻ جو آئيني طريقيڪار موجود آهن، محسوس پيو ٿئي ته تحريڪ انصاف ماضيءَ جي غلطين مان سبق ناهي سکيو. شيري رحمان چيو ته تحريڪ انصاف پنهنجي غير ذميواراڻن روين ۽ سياست تي نظرثاني ڪري
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.4 ° C
24.4 °
24.4 °
28%
2.9m/s
1%
ڇنڇر
24 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون