تازه ترين

اسرائيلي حملي ايران جي خودمختيارين جي سنگين ڀڃڪڙي آهن : اسحاق ڊار

- Advertisement -
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته اسرائيلي حملي ايران جي خودمختيارين جي سنگين ڀڃڪڙي آهن. اسلام آباد ۾ ايراني هم منصب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته سيد عباس عراقچي کي پاڪستان ۾ خوش آمديد چئون ٿا، ايراني پرڏيهي وزير سان ملاقات ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون. هن چيو ته ملاقات ۾ 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي موقف کي ورجايو ويو. سندس چوڻ هو ته اسرائيل طرفان فلسطينين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، انهن وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي فوجي جارحيت جي مذمت ڪئي آهي، قابض طاقتن جي دهشتگردي ذريعي فلسطين تي قبضي جي مذمت ڪن ٿا. ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي چيو ته مهمان نواز تي پاڪستان جي حڪومت جا ٿورائتا آهن، پاڪستاني پرڏيهي وزير سان ملاقات دوران خطي ۾ امن امان جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون. سندس چوڻ هو ته اسرائيل فسلطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، لبنان تي به جارحيت جاري آهي، اسرائيلي رجيم ايراني خودمختياري جي به ڪيترائي ڀيرا ڀڃڪڙي ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته فلسطين جو مسئلون گڏيل قومن جي قرارداد موجب حل ٿيڻ گهرجي، پاڪستان جو فلسطين مسئلي تي واضح ۽ مضبوط موقف آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
11 %
3kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون