تازه ترين

اسرائيلي فوج جي اتر غزه ۾ رهائشي عمارتن تي بمباري، 50 کان وڌيڪ ٻارن سميت 84 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
اسرائيلي فوج طرفان فلسطينين جي نسل ڪشي جاري آهي، اسرائيلي حملن ۾ 50 کان وڌيڪ ٻارن سميت 84 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج جي اتر غزه ۾ رهائشي عمارتن تي بمباري جاري آهي، صهيوني فوج اسرائيلي فوج جي جباليه پناهگير ڪيمپ تي به بمباري ڪئي جڏهن ته بيت الاهيه ۽ رفح جي ڏکڻ ۾ حملا ڪيا ويا آهن. گڏيل قومن جي انساني حقن واري آفيس موجب، اتر غزه ۾ فلسطيني آبادي بيماري ۽ ڏڪار جو شڪار آهي. ٻئي پاسي فلسطيني اختيارين جو چوڻ آهي ته اسرائيل ۽ ان جا اتحادي امريڪا، فرانس، برطانيه، جرمني نسل ڪشي جا ذميوار آهن. ٻئي پاسي اسرائيلي فورسز طرفان ڏکڻ غزه جو محاصرو به جاري آهي، فلسطيني هلال احمر جو چوڻ آهي ته ڏکڻ غزه جي اسپتالن مان مريضن کي بيدخل ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي. فلسطيني هلال احمر موجب، العوده ۽ انڊويشي اسپتالن مان مريضن کي ڪڍيو پيو وڃي، اسرائيل علي ڪدوان اسپتال کي پهريان ئي تباهه ڪري چڪو ، العوده ۽ انڊونيشي اسپتال تي به اسرائيلي حملن جو خطرو آهي، ٻنهي اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ آهي، پاڻي به ميسر ناهي. هوڏانهن حماس ترجمان جو چيو آهي ته اسرائيل جنگ بندي ڳالهين لاءِ سنجيده ناهي، اسرائيل جنگ بندي لاءِ ڪا حقيقي تجويز پيش نه پيو ڪري. حماس ترجمان اسامه حمدان موجب، اسرائيل هن وقت تائين غزه ۾ 43 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ڪري چڪو آهي، نيتن ياهو جنگ جاري رکڻ چاهي ٿو ان لاءِ جنگ بندي جون ڪوششون ناڪام آهن. اسامه حمدان جو وڌيڪ چوڻ هو ته غزه مان اسرائيل جي نيڪالي کان علاوه ڪابه تجويز قبول نه ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
11 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
33.2 ° C
33.2 °
33.2 °
4 %
7.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون