تازه ترين

اسرائيلي فوج جي اڄ ڏهين ڏينهن به بمباري جاري

- Advertisement -
اسرائيلي فوج جي اڄ ڏهين ڏينهن به بمباري جاري آهي، جنهن ۾شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 2 هزار 800 کان  وڌي ويو، 11 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. حماس کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام اسرائيل فوج اڄ ڏهين ڏينهن به هٿين خالي فلسطينين تي بمباري جاري رکي . شهيدن ۾ 1000 کان وڌيڪ ٻار ۽ 400 کان وڌيڪ عورتون شامل آهن، جڏهن ته لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب، حماس جي اسرائيل تي حملي بعد اسرائيلي فوج جي  غزا تي بمباري جاري آهي جڏهن ته اسرائيلي فوج طرفان بنا جواز رهائشي عمارتن، عورتن ۽ ٻارڙن کي نشانو بڻايو پيو وڃي جنهن سبب شهيد فلسطينين جو انگ وڌندو پيو وڃي. 12 لک فلسطيني بي گهر، پاڻي، خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ، يهودي فوج جي ڪاررواين کان اسپتالون به غير محفوظ بڻيل آهن،  عرب اسپتال تي بمباري، شهرين اسپتالن ۾ جاءِ ختم ٿيڻ سبب مڙهه ريفريجريٽرن ۾ رکڻ  تي مجبور آهن. فلسطين جي صحت واري وزارت هڪ هفتي کان وڌيڪ جاري غزا تي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ هڪ وقت تائين 724 ٻارڙن سميت 2 هزار 700 فلسطيني شهيد ۽ 9 هزار 700 فلسطينين جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
24 %
1.9kmh
0 %
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون