اسرائيلي فوج جي غزا تي بربريت ۽ ظلم جاري، وڌيڪ 134 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
اسرائيلي فوج جي غزا تي بربريت ۽ ظلم جاري آهي وڌيڪ 134 فلسطيني شهيد ٿي ويا. عرب ٽي وي موجب خان يونس ۾ فلسطيني ويڙهاڪن ۽ يهودي فوج ۾ چڪريون جاري آهن. اسرائيلي فوج  اسپتالن، اسڪولن ۽ گهرن تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 134 فلسطيني شهيد ٿي ويا. 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين شهيدن فلسطيني شهيدن جو انگ 24 هزار کان وڌي ويو آهي. خان يونس ۾ فلسطيني ويڙهاڪن ۽ اسرائيلي فوج ۾ ويڙهه جاري آهي، اولهه ڪناري يهودي فوج جي ڪارروائي دوران 5 فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽  5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته اسرائيلي فوج  ٻه گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا. نابلس يونيورسٽي مان به ڪيترن ئي شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو. ٻئي پاسي تل ابيب ڀرسان يهودي آبادي تي حملي ۾ هڪ اسرائيلي مارجي ويو ۽ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته حملي جي شڪ ۾ ٻن فلسطينين کي گرفتار ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
moderate rain
17.6 ° C
17.6 °
17.6 °
71%
3.4m/s
46%
اربع
20 °
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون