اسرائيلي فوج لبنان تي وڏو حملو ڪري ڇڏيو،145 کان وڌيڪ هنڌن تي بمباري، 60 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد

- Advertisement -
اسرائيلي فوج لبنان تي وڏو حملو ڪري ڇڏيو، 24 ڪلاڪن ۾ 145 کان وڌيڪ هنڌن تي بمباري جي نتيجي ۾ 60 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا. پرڏيهي رپورٽن موجب آچر تي اسرائيلي فوج لبنان جي گادي واري شهر بيروت ۽ ٻين شهرن ۾ رهائشي عمارتن، گرجا گهرن ۽ طبي مرڪز کي نشانو بڻايو. رپروٽ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ هڪ شامي فوجي ۽ حزب الله جي ميڊيا ترجمان محمد عفيف سميت 60 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا. لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله جوابي ڪارروائي ڪندي اتر اسرائيل ۾ راڪيٽ حملي ڪيا، جنهن سان ڪيترن ئي رهائشي عمارتن کي نقصان رسيو. ٻئي طرف اسرائيلي فوج جي عزا تي حملن ۾ به اضافو ٿي ويو، بيت لاحيح، نصيرات ۽ بُريج پناهگير ڪئمپن تي وحشياڻي بمباري ڪئي، جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا. هوڏانهن غزا ۾ حماس اسرائيلي فوج تي جوابي وار ڪندي 2 اسرائيلي فوجين کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ سخت زخمي ٿي پيو، ڪيترائي اسرائيلي ٽينڪ به تباهه ڪيا ويا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
13%
1.8m/s
10%
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون