قاهره ۾ عرب ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ امريڪي پرڏيهي وزير وچ  ۾ ملاقات ٿي آهي جنهن دوران غزه ۽ رفح جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

- Advertisement -
قاهره ۾ عرب ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ امريڪي پرڏيهي وزير وچ  ۾ ملاقات ٿي آهي جنهن دوران غزه ۽ رفح جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عرب ميڊيا جو چو آهي ته امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سان پي ايل او جي ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اڳواڻ حسين اليشخ سان به ملاقات ڪئي. عرب پرڏيهي وزير ۽ انٽوني بلنڪن جي ملاقات وچ ۾ ٿيل ملاقات جي پڌرائي جاري ڪئي وئي جنهن ۾ عرب ملڪن جي پرڏيهي وزير غزه ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو. پڌرائي موجب، عرب پرڏيهي وزير مطالبو ڪيو ته اسرائيل ۽ غزه وچ ۾ سمورن رستن کي بحال ڪيو وڃي ته جيئن امدادي سامان جي پهچ آسان ٿئي. ٻئي پاسي امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جو چوڻ هو ته رفح ۾ اسرائيل جو وڏو فوجي آپريشن غلطي هوندي، حماس سان وڙهڻ لاءِ فوجي آپريشن کان علاوه ٻيا به کوڙ طريقا آهن. هن چيو ته رفح ۾ فوجي آپريشن سان صورتحال اڃان وڌيڪ خراب ٿيندي، امريڪا فلسطينين جي جبري لڏپلاڻ ۽ غزه پٽي تي ٻيهر قبضي کي نه مڃيندو. هن وڌيڪ چيو ته حماس- اسرائيل ڳالهين جو ڪنهن نتيجي تي پهچڻ ڏکيو ضرور آهي پر ناممڪن ناهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
26.8 ° C
26.8 °
26.8 °
18%
1.1m/s
2%
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
27 °
آچر
25 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون