تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اسرائيلي پارليامينٽ گڏيل قومن جي رليف ايجنسي “انروا” تي پابندي جو بل منظور ڪري ورتو

- Advertisement -
اسرائيلي پارليامينٽ گڏيل قومن جي رليف ايجنسي “انروا” تي پابندي جو بل منظور ڪري ورتو. اسرائيل طرفان اسرائيلي عملدارن ۽ رليف ايجنسي وچ ۾ رابطن تي پابندي، انروا سان لاڳاپا ختم ڪرڻ ۽ ان کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ به منظوري ڏني وئي. ان حوالي سان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته انروا جي عملي کي اسرائيل خلاف دهشتگرد سرگرمين تي جوابدهه هجڻ گھرجي. نيتن ياهو چيو ته غزه ۾ هاڻي ۽ مستقبل ۾ پائيدار انساني امداد دستياب رهندي، اسرائيل کي 48 ڪلاڪن جي جنگ بندي جي بدلي 4 يرغمالين جي آزادي لاءِ تجويز ناهي ملي. ٻئي پاسي اسرائيلي قدم تي پنهنجي بيان ۾ انروا جو چوڻ هو ته اداري تي پابندي سان فلسطينين جي تڪليفن ۾ اضافو ٿيندو ۽ غزه جي عوام جون مشڪلاتون تمام گهڻيون وڌي وينديون. آمريڪا گڏيل قومن جي اداري انروا تي اسرائيلي پابندين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته برطانيا به اسرائيلي پابندين کي غلط قرار ڏيندي مذمت ڪئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
5 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
22.9 ° C
22.9 °
22.9 °
21 %
2.2kmh
6 %
اڱارو
25 °
اربع
26 °
خميس
27 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون