تازه ترين

اسرائيل جو بيروت تي حملو، حزب الله جي اهم ڪمانڊر سميت 12 ڄڻا شهيد

- Advertisement -
اسرائيل لبنان جي راڄڌاني بيروت تي حملو ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ حزب الله جي سينيئر آپريشنز ڪمانڊر ابراهيم عقيل سميت 12 ڄڻا شهيد ۽ 66 ڄڻا زخمي ٿيا آهن. حزب الله تصديق ڪئي آهي ته اسرائيل ڏکڻ واري علائقي ۾ اهم انٽيليجنس هيڊڪوارٽر تتي حملو ڪيو، لبناني وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسرائيل کي ڪنهن به انساني قانوني يا اخلاقي خدشن جي ڪابه اهميت ناهي. حزب الله موجب، شهيد ابراهيم عقيل والاريل بيت المقدس جي آزادي جي جدوجهد ڪري رهيو هو. ٻئي پاسي وائٽ هائوس جو چوڻ آهي ته بيروت تي اسرائيلي حملن بابت اڳواٽ ڪابه اطلاع ناهي ملي، سفارتي حل وچ اوڀر ۾ اڳتي وڌڻ جو هڪ  بهتري رستو آهي. وائٽ هائوس موجب، قيدين جي آزادي ۽ جنگ بندي جي معاهدي تي ڪنهن به اميد ناهي ڇڏي، جنگ بندي معاهدي تي اڳتي وڌڻ جو رستو ڳولهڻ ڏکيو ثابت ٿي رهيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
31 %
3.8kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون