اسرائيل جي غزا تي بمباري جاري، وڌيڪ 250 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
اسرائيل جي غزا تي جاري بمباري سبب وڌيڪ 250 فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا، اسرائيل 16 فوجي مارجڻ جو اعتراف ڪيو آهي. عرب ميڊيا موجب اسرائيل جي غزا تي جاري بمباري سبب وڌيڪ 250 فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا جنهن بعد مجموعي طور  شهيد فلسطينين جو انگ 8 هزار 900 ٿي ويو ۽   23 هزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي پيا. ان کان اڳ اسرائيل غزا ۾ پناهگير ڪيمپ تي ٻئي ڏينهن به حملو ڪيو جنهن سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا، ڪميپ تي حملي سبب يارهن يرغمالي به مارجي ويا آهن. غزا ۾ ٻيهر بند ٿيل مواصلاتي نظام ۽ انٽرنيٽ سروس پڻ بحال نه ٿي سگهي آهي. هوڏانهن اسرائيل طرفان حماس جي ڊرون حملن ۾ 16 فوجي مارجڻ جو اعتراف ڪيو آهي. حماس اسرائيل جي علائقن اشدود، اشڪلان ۽ ٻين هنڌن تي ميزائلن سان حملا ڪيا جنهن جي ڪري ڪيتريون گاڏيون تباهه ٿي ويون. حماس سرنگهن مان نڪري به اسرائيلي ٽينڪن تي راڪيٽن سان حملا  ڪري ڪيتريون ئي ٽينڪون تباهه ڪري ڇڏيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
42%
3.6m/s
1%
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون