- Advertisement -
اسرائيل جي غزا تي بمباري ۾ وڌيڪ 241 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
غزا ۾ 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي وهشيت ۽ بربريت جاري آهي، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 241 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
فلسطيني صحت واري وزارت موجب اسرائيلي بمباري ۾ شهيد فلسطينين جو انگ وڌي 20 هزار 915 ٿي ويو .
اسرائيلي حملن ۾ هن وقت تائين 54 هزار 918 فلسطيني شهري زخمي ٿي چڪا آهن.
فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم القسام چيو آهي ته اتر غزا جي ابراج الناده واري علائقي ۾ داخل اسرائيلي جيپ کي تباه ڪيو ويو جنهن ۾ ڪجهه اسرائيلي فوجي مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.- Advertisement -
