اسرائيل جي غزه تي وحشياڻي بمباري جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 31 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
اسرائيل جي غزه تي وحشياڻي بمباري جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 31 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج اتر، ڏکڻ ۽ وچ غزه وارن علائقن ۾ گھرن ۽ پناهگير ڪيمپن تي حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن. عرب ميڊيا موجب، غزه سٽي ۽  جباليه ۾ پناهگير ڪيمپن ۽  اسڪولن تي بمباري ۾ 12 ڄڻا شهيد ٿي ويا، غزه ۾ گذريل 48 ڪلاڪن ۾ 61 فلسطيني شهيد 7 ڪيتريون ئي عمارتون مٽي جو ڍير ۾ تبديل ٿي ويون. عرب ميڊيا موجب، حماس، اسلامڪ جهاد ۽ الفتح تنظيم جي ويڙهاڪن جون اسرائيلي فوج سان چڪريون جاري آهي. عرب ميڊيا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته غزه ۾ 7 آڪٽوبر 2023 کان اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو انگ 40 هزار 939 ٿي ويو جڏهن ته 94 هزار 616 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي اسرائيل ۾ هزارين ماڻهن وزيراعظم نيتن ياهو خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي آهي. اسرائيلي ميڊيا موج، مظاهرين شيبه، حيفه ۽ والاريل بيت القمدس جا روڊ بند ڪري ڇڏيا. مظاهرين جو چوڻ هو ته قيدين جي آزادي جي لاءِ جنگ بندي جو معاهدو ڪيو وڃي، وزيراعظم نيتن ياهو جنگ بندي معاهدي ۾ وڏي رڪاوٽ آهي کيس فورن استعيفى ڏيڻ گھرجي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
16%
1.7m/s
0%
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون