- Advertisement -
اسرائيل جي لبنان تي خوفناڪ بمباري سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 182 ڄڻا شهيد ۽ سوين زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب لبنان جي ڏکڻ ۽ اوڀرندن علائقن ۾ اسرائيلي فوج بمباري ڪري معصوم شهرين کي نشانو بڻايو.
لبنان جي صحت واري وزارت موجب اسرائيل جي وحشياڻي بمباري سبب گهٽ ۾ گهٽ 182 ڄڻا شهيد ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، زخمين جا ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب شهيدن ۽ زخمين ۾ اڪثريت عورتن ۽ بارن جي آهي، جڏهن ته ڪيترائي گهر پڻ تباهه ٿي ويا.
عالمي ميڊيا موجب لبنان تي 300 کان وڌيڪ حملا ڪيا ويا.
صبح اسرائيلي فوج لبناني شهرين کي ٽيڪسٽ ميسج موڪليا هئا، جن ۾ کين حزب الله جي استعمال هيٺ گهرن ۽ عمارتن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي.- Advertisement -
