تازه ترين

اسرائيل خلاف مزاحمت سموري فلسطيني عوام جي خواهش آهي: اسامه حمدان

- Advertisement -
فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس جي سينيئر اڳواڻ اسامه حمدان چيو آهي ته اسرائيل خلاف مزاحمت سموري فلسطيني عوام جي خواهش آهي. عرب ميڊيا موجب، حماس جي سينيئر اڳواڻ اسامه حمدان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته قابض اسرائيلي حڪومت فلسطينين جي دشمن آهي، حماس حماس ۾ اختلافن جون خبرون بي بنياد ۽ ڪوڙيون آهن. اسامه حمدان موجب، ايندڙ مرحلي ۾ دنيا حماس جو مضبوط ڍانچو ڏسندي. حماس اڳواڻ چيو ته غزه جنگ بندي ۾ هن وقت تائين 400 کان وڌيڪ فلسطيني اسرائيلي فورسز هٿان شهيد ٿيا آهن، اسرائيل غزه پٽي ۾ مدد ۽ انفرا اسٽرڪچر جي بحالي ۾ رنڊڪون وجهي رهيو آهي. اسامه حمدان جو چوڻ هو ته حماس کي اسرائيل جي مسلسل ڀڃڪڙين تي رد عمل جو حق حاصل آهي، غزه جنگ بندي جو خاتمو عالمي ضمانتن جي ناڪامي هوندي. هن وڌيڪ چيو ته حماس اسرائيلي ڀڃڪڙين جي هوالي سان ٽياڪڙي ڪندڙ ملڪن قطر، ترڪيه ۽ مصر سان رابطي ۾ آهي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
35.6 ° C
35.6 °
35.6 °
6 %
3.5kmh
13 %
اڱارو
36 °
اربع
35 °
خميس
35 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون