- Advertisement -
اسلام آباد سپريم ڪورٽ ۾ گئس ليڪيج سبب ڪينٽين ۾ ٿيل ڌماڪي سبب سڙي زخمي ٿيل نوجوان سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
سئلينڊر ڌماڪي ۾ سڙي زخمي ٿيل 19 سالن جو اسد منيب ولد تنوير احمد پمز اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ گئس ليڪيج سبب ڪئنٽين ۾ سئلينڊر ڌماڪو ٿيو هو نتيجي ۾ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا جن کي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.
زخمين مان هڪ نوجوان اسد منيب زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.- Advertisement -
