- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ آڊيو ليڪس ڪيس ۾ آءِ بي جي بئنچ تي اعتراض واپس وٺڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
اسلام آباد هائيڪورٽ جي جسٽس بابر ستار آڊيو ليڪس ڪيس ۾ بينچ تي اعتراض واپس وٺڻ بابت آءِ بي طرفان داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته آءِ بي جي آڊيو ليڪس ۾ بينچ تي اعتراض جي درخواست واپس وٺڻ چاهي ٿي.
جسٽس بابر ستار رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اوهان جي اعتراض واري درخواست ته پهريان ئي خارج ٿي چڪي آهي، آرڊر ايندو ته اوهان کي ملي ويندو، آرڊر ۾ ڊائريڪٽر جنرل آءِ کي نوٽيس ڪيو ويو آهي ته ڇو نه سندن خلاف توهين عدالت ڪارروائي ڪئي وڃي.
جسٽس بابر ستار چيو ته آرڊر ۾ اها به پڇا ڪئي وئي آهي ته ڪنهن درخواست داخل ڪرڻ جي اٿارٽي ڏني هئي، اوهان کي جيڪو جواب ڏيڻو آهي آرڊر اچڻ بعد ڏئي ڇڏجو.
عدالت آءِ بي طرفان بئنچ تي اعتراض واپس وٺڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي……….- Advertisement -
