علي امين گنڊا پور سڄي رات ڪوهسار ڪامپليڪس ۾ معافيون  وٺندو رهيو : خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه آصف طرفان پارليامينٽ جي ڪارروائي بابت خاص ڪميٽي جي ميمبرشپ ڇڏڻ جو اعلان  ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته علي امين گنڊا پور ٻه نمبر ماڻهو آهي، مٿس ڀروسو نه ٿو ڪري سگهجي، پارليامينٽ مان گرفتارين جي واقعي جي ڪنهن به حمايت نه ڪئي آهي،  نواز شريف جي گهر واري فوت ٿي پر فون تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملي،  مسلم ليگ ن ڪڏهن به مخالفن خلاف نيب کي استعمال نه ڪيو آهي، احتجاج ضروري آهي پر چئن سالن جي عرصي تي نظر وجهڻ گهرجي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ اعتراض جي نقطي تي ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته قومي اسيمبلي جي خاص ڪميٽي پارليامينٽ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي وئي آهي لڳي ٿو ته خاص ڪميٽي پي ٽي آءِ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي آهي، هو ڪميٽي جو حصو رهڻ نه ٿو چاهي. هن چيو ته خاص ڪميٽي جي اجلاس ۾ گرفتارين بابت  روئيندا ۽ پٽيندا رهيا، اها ڪميٽي رڳو ايوان جو تقدس بحال ڪرڻ لاءِ  قائم ڪئي وئي آهي، هن  پنهنجي پارٽي کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ڪميٽي جو حصو نه ٿيندو. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ جيڪو ساڻن ۽ خاندانن سان ڪيو ويو تنهن وقت ياد نه هو، نواز شريف ۽ مريم نواز سان جيڪو ورتاءُ ڪيو ويو تنهن جو مثال نه ٿو ملي. خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ نيب چيئرمين کي جهڙي نموني استعمال ڪيو تنهن جو مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته تحريڪ انصاف پنهنجي زيادتين جو ذڪر ضرور ڪري پر پنهنجي چئن سالن جي دور جي ڪاررواين جي مذمت ڪري. سندس چوڻ هو ته علي امين گنڊا پور سڄي رات ڪوهسار ڪامپليڪس ۾ معافيون  وٺندو رهيو،  هو نه ٿا ڀڇن پر  تحريڪ انصاف وارا پاڻ پڇن ته سڄي رات ڇاڪندو رهيو،  گنڊا پور ٻه نمبرماڻهو آهي، مٿس اعتبار نه ڪيو وڃي. اجلاس کانپوءِ صحافين سان غير رسمي طور ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته هنن هنن 6، 6 مهينا جيل ڀوڳيو، کين گرفتار ناهي ته پارليامينٽ مان گرفتاريون ڪيئن ٿيون آهن، کيس لڳي ٿو ته ٻاهران ٿيون آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.1 ° C
18.1 °
18.1 °
53%
2.2m/s
0%
اڱارو
26 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون