- Advertisement -
اسلام ڪوٽ ۾ غوثيا جماعت جي روحاني پيشوا شاهه محمود قريشي جي گرفتاري خلاف سندس مريدن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
غوثيا جماعت جي مريدن پاران يامين هاليپوٽو، گلشير درس، سجاد علي درس، جمال الدين هاليپوٽو، عزيز قادري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته شاهه محمود قريشي غوثيا جماعت جو روحاني پيشوا ۽ اڳوڻو وفاقي وزير آهي، جنهن سان پنجاب پوليس جو رويو مذمت جوڳو آهي.
هنن مطالبو ڪيو ته شاهه محمود قريشي کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جودائرو وڌايو ويندو.- Advertisement -
