تازه ترين

اسلام ڪوٽ ۾ پوليس جي ڪارروائي، 6 جوابدار گرفتار

- Advertisement -
اسلام ڪوٽ ۾ ٿر ڪول بلاڪن ۽ بند پيل يو سي جي منصوبي تان قيمتي مشينري ۽ اسڪريپ چوري ڪندڙ جوابدارن جو پوليس گهيرو تنگ ڪندي 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب رات جو دير سان اسلام ڪوٽ پهتل  ٽيم پوليس اٽالن سان  گڏجي شھر جي باءِ پاس تي اسڪريپ جا وڏا  دڪان کولي ويٺلن تي اوچتو ڇاپا هنيا. پوليس موجب ڇھن ڄڻن کي گرفتار ڪري مٿس اسڪريپ چوريءَ جا ڪيس داخل ڪيا ويا  آهن. پوليس موجب گرفتار جوابدارن ۾ سينھري واسي علي درس، ڳوٺ ڀاوي جو تڙ واسي عطاءُ محمد شاهه، اسلم فقير، بچو، لنجو، سومار ڀيل ۽ ميوو ڀيل شامل آھن. پوليس موجب اٺ جوابدارن مٿان ٽي ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آھن. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن وٽان ھڪ ڪار، 2 ليٿ مشينون ۽ ٻيو قيمتي سامان هٿ ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
44 %
2.2kmh
30 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون