- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر چيو آهي ته اسٽريٽ ڪرائيم تي هر صورت ۾ ضابطو آڻڻ گهرجي، اسٽريٽ ڪرائيم جي سماجي سببن کي حڪومت ٺيڪ ڪندي پر پوليسنگ بهتر ٿيڻ گهرجي، قبائلي جهيڙن جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
وزيراعليٰ جي ترجمان موجب، سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽيءَ جو 30 هون اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو.
اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، آءِ جي سنڌ رفعت مختار، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص ۽ ٻين جي شرڪت ڪئي.
آءِ جي سنڌ اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سال 2023ع ۾ 27 هزار 834 موبائل فون ڦر ٿيا جيڪي 2022ع جي ڀيٽ ۾ 2 ڏهائي 27 سيڪڙو گهٽ ٿيا، سال 2023ع ۾ 86 هزار 686 موبائل، موٽرسائيڪلون ۽ گاڏيون چوري توڙي ڦر ٿيون جيڪي سال 2022ع جي ڀيٽ ۾ 4 ڏهائي هڪ سيڪڙو گهٽ آهن.
آءِ جي سنڌ چيو ته پهرين جنوري 2023ع کان 31 آگسٽ تائين پوليس وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيو، 737 انڪائونٽرز ڪيا، 108 ڏوهاري ماريا ويا، 889 زخمي ٿيا ۽ 5 هزار 226 ڦورو گرفتار ڪيا ويا.
آءِ جي سنڌ رفعت مختار بريفنگ ڏيندي چيو ته 4 ڪار ۽ موٽرسائيڪل لفٽر مارجي ويا ۽ 2 هزار 480 گرفتار توڙي 3 هزار 401 مختلف قسمن جا هٿيار پڪڙيا ويا جڏهن ته 17 هزار 610 ڪلو گرام منشيات هٿ ڪئي وئي.
نگران وڏي وزير مقبول باقر جو چوڻ آهي ته اسٽريٽ ڪرائيم تي هر صورت ۾ ضابطو آڻڻ گهرجي، اسٽريٽ ڪرائيم جي سماجي سببن کي حڪومت ٺيڪ ڪندي پر پوليسنگ بهتر ٿيڻ گهرجي.
آءِ جي سنڌ چيو ته ڪچي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪيو آهي، ڀنگ لاءِ اغوا جا 170 ڪيس پهرين 8 مهينن ۾ ٿيا جيڪي سمورا ماڻهو بازياب ڪرايا ويا، 8 مهينن ۾ 13 ڌاڙيل مارجي ويا، هن وقت چئن ڄڻن کي اڃا به بازياب ڪرائڻو آهي.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته اغوا ۾ قبائلي جهيڙن جا عنصر به شامل آهن، قبائلي جهيڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو ته عام چونڊن لاءِ سڄي سنڌ ۾ 19 هزار 8 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون، سڄي صوبي ۾ 6 هزار 550 پولنگ اسٽيشنون حساس ۽ 6 هزار 801 انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن، نارمل پولنگ اسٽيشن تي 4 پوليس اهلڪار، حساس تي 5 ۽ انتهائي حساس تي 7 اهلڪار فرض سرانجام ڏيندا.
ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار چيو ته سنڌ جي سمورين پولنگ اسٽيشنن تي آرمي جي مقرري مڪمل ٿي وئي آهي، سمورا فوجي جوان ۽ آفيسر پنهنجي ڊيوٽي وارن علائقن ۾ پهچي چڪا آهن- Advertisement -
