تازه ترين

افغانستان مان آندل پرڏيهي هٿيارن جي پاڪستان ۾ استعمال جا وڌيڪ ثبوت سامهون اچي ويا آهن

- Advertisement -
افغانستان مان آندل پرڏيهي هٿيارن جي پاڪستان ۾ استعمال جا وڌيڪ ثبوت سامهون اچي ويا آهن. پاڪ فوج گذريل ٻن ڏهاڪن کان ڪالعدم ٽي ٽي پي خلاف دهشتگردي جي جنگ وڙهي رهي آهي ۽ ٽي ٽي پي جي دهشتگردن کي افغانستان ۾ آمريڪا جا ڇڏيل هٿيار موجود آهن، جنهن سان خطي جي سلامتي کي نقصان پهتو آهي. ڪالعدم ٽي ٽي پي کي هٿيارن جي فراهمي سان پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ اضافو ٿيو، 29 ڊسمبر تي مير علي ۾ دهشتگردن خلاف ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو ويو هو. ان آپريشن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ دهشتگرد ڪمانڊر راهزيب کوري سميت 5 دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگردن جي قبضي مان پرڏيهي هٿيار، ايم فور ڪاربن، اي ڪي 47 ۽ گولا بارود هٿ آيو، پهريان به ڪيترائي ڀيرا پاڪستان ۾ دهشتگردي حملن ۾ پرڏيهي هٿيار استعمال ڪيا ويا. بلوچ لبريشن آرمي به انهن هٿيارن سان فيبروري 2022 ۾ نوشڪي ۽ پنجگور ضلعي ۾ ايف سي ڪيمپن تي حملو ڪيو. ميانوالي ايئربيس حملي ۾ دهشتگردن وٽان هٿ آيل پرڏيهي هٿيار مليا هئا، ڊي آءِ خان ۾ درابن ۽ ٽانڪ ۾ به دهشتگردن وٽ جديد پرڏيهي هٿيار هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
10 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.9 ° C
31.9 °
31.9 °
26 %
3.2kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون