افغانستان ۾ القاعده جون وڌيڪ 8 وڏيون تربيتي ڪئمپون قائم: گڏيل قومن جي رپورٽ

- Advertisement -
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي رپورٽ ۾ افغانستان ۾ القاعده جا وڌيڪ 8 وڏا ٽريننگ ڪيمپ موجود  هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي رپورٽ موجب القاعده افغانستان ۾ فعال موجودگي برقرار رکي آهي. رپورٽ موجب القائده افغانستان جي ڪيترن ئي صوبن ۾ تربيتي ڪيمپون، مذهبي اسڪول ۽ هٿيار رکڻ جون سهولتون قائم ڪيون آهن. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته القاعده طالبان جي حڪمراني واري پوزيشن برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. القائده جي 10 اڳوڻن ميمبرن جا طالبان سان تاريخي ۽ ويجها لاڳاپا آهن، القائده غزني، لغمان، پروان ۽ اروزگان صوبن ۾ 8 نوان تربيتي ڪيمپ قائم ڪيا آهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي رپورٽ ۾ ٽي ٽي پي ۽ القاعده جي وچ ۾ رابطن بابت به خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب القاعده جو مڃيل ميمبر حڪيم المصري ڪنڙ ۾ تربيتي ڪيمپن ۽ آپگهاتي بمبار جي تربيت جو ذميوار آهي، جيڪو ٽي ٽي پي کي تربيت پڻ ڏيندو رهيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.7 ° C
19.7 °
19.7 °
21%
3.5m/s
1%
اربع
20 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون