تازه ترين

افغانستان ۾ 5 ڏينهن کان جاري طوفاني برساتن سبب فوت ٿيلن جو انگ وڌي 70 ٿي ويو

- Advertisement -
افغانستان ۾ گذريل پنجن ڏينهن کان جاري طوفاني برساتن سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ وڌي 70 ٿي ويو . پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، افغان حڪومت جي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان جانان صائق ٻڌايو ته ڇنڇر ۽ اربع وچ ۾ پيل برساتن جي نتيجي ۾ 70 ڄڻا فوت ٿي ويا. هن چيو ته 56 شهري زخمي ٿيا آهن ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، 26 سئو گهرن کي نقصان پهتو آهي ۽ 95 هزار ايڪڙ زرعي زمين پاڻي هيٺ اچي وئي . واضح رهي ته گڏيل قومن گذريل سال خبردار ڪيو هو ته افغانستان ۾ موسمياتي تبديلي جا بدترين اثرا پئجي سگهن ٿا. چار ڏهاڪن کان جاري جنگ جي اثر هيٺ رهندڙ افغانستان  دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي موسمياتي تبديل کي منهن ڏيڻ لاءِ گهٽ کان گهٽ تياري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سائنسدانن جو خيال آهي ته موسمياتي تبديلي وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي ………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
38 %
4kmh
100 %
سُومر
24 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون