تازه ترين

افغان پناهگيرن کي ڊي پورٽ ڪيو پيو وڃي، پاڪستان دهشتگردن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي : شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته افغان پناهگيرن کي ڊي پورٽ ڪيو پيو وڃي، پاڪستان دهشتگردن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، ڀارتي حڪومت پاڪستان اندر دهشتگردي ۾ ملوث آهي، پاڪستان هميشه افغانستان جي مدد ڪئي، ڌاڙيلن کي پنهنجي ڀلائي ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ گهرجن.

سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو سنڌ اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي دعا لاءِ پهتا آهن.

سندس چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري ۽ مسلم ليگ ن قيادت ۾ هاڪاري ڳالهيون ٿيون آهن، ملاقات دوران غير ذميواراڻا بيان نه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته هو وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز  خلاف ڪا به غير ذميواراڻي ڳالهه نه ڪندو.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ امان امان جي حوالي سان ڪچي ۾ آپريشن هلي رهيو آهي پر مسئلو آهي ته ڏوهاري سنڌ ۾ آپريشن دوران پنجاب نڪري وڃن ٿا.

هن چيو ته جيستائين پنجاب ۽ سنڌ ۾ گڏيل طور آپريشن نه ٿيندو ان وقت تائين مسئلو حل نه ٿيندو، هاڻي پنجاب حڪومت کي به چيو آهي ته اتي به ان وقت تي آپريشن ٿئي ته جڏهن سنڌ ۾ ڪم شروع ٿئي.

سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته ڌاڙيلن کي پنهنجي ڀلائي ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ گهرجن، جيڪي ڏوهاري هٿيار ڦٽا ڪندا اهي بچي ويندا جيڪي هٿيار ڦتا نه ڪندا مقابلن ۾ مارجي ويندا.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته غيرقانوني افغانين کي ملڪ سميت سنڌ مان ٻاهر ڪيو پيو وڃي، سندن پاليسي واضح آهي ڪو به غيرقانوني افغاني سنڌ ۾ نه ڇڏيو ويندو، جيڪڏهن ڪو ڀارت ۾ ويهي سندن خلاف بيان ڏيندو يا ملڪ ۾ دهشتگردي ڪندو ان خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.

سندس چوڻ هو ته ملڪ خلاف جنگ شروع ڪندڙن سان بهادر فوج مقابلو ڪري رهي آهي، ڀارت هجي يا افغانستان پاڪستان خلاف ڀلي سازشون ڪن کين منهن ڏنو آهي ۽ ڏيندا رهندا.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته افغان پناهگيرن کي ڊي پورٽ ڪيو پيو وڃي، پاڪستان دهشتگردن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، ڀارتي حڪومت پاڪستان اندر دهشتگردي ۾ ملوث آهي، پاڪستان هميشه افغانستان جي مدد ڪئي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.6 ° C
15.6 °
15.6 °
26 %
2kmh
0 %
ڇنڇر
24 °
آچر
24 °
سُومر
23 °
اڱارو
23 °
اربع
24 °

تازه ترين خبرون