تازه ترين

وزيراعظم شهبازشريف سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي ملاقات

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ملاقات ڪئي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ وفد جي صورت ۾ وزيراعظم شهبازشريف سان ملاقات ڪئي، وفد ۾ راجا پرويز اشرف، سينيٽر شيري رحمان، نيئر بخاري، نديم افضل چن ۽ سيد علي قاسم گيلاني شامل هئا. ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. پ پ جي وفد غزا امن معاهدي ۾ پاڪستان جي ڪردار تي وزيراعظم کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته پ پ سندن اتحادي پارٽي آهي، جنهن سان لاڳاپن کي هو احترام  ۽ قدر جي نظر سان ڏسن ٿا. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، بچاءَ وارو وزير خواجه آصف، وفاقي وزير احسن اقبال، راڻا تنوير،  عطا تارڙ، راڻا مبشر اقبال، راڻا ثناءُ الله ۽ پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان به موجود هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
10 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
53 %
2.1kmh
14 %
آچر
27 °
سُومر
33 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون