العزيزيه، حسن ۽ حسين نواز ايون فيلڊ ۽ فليگ شپ ريفرنس مان بري ڪيو ويو

- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ جي قائد نوازشريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز کي العزيزيا، ايون فيلڊ ۽ فليگ شپ ريفرنس مان بري ڪيو ويو آهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا حسن ۽ حسين نواز جي بريت بابت درخواستن تي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌايو. حسن ۽ حسين نواز طرفان سندن ويڪل رانا محمد عرفان عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر افضل قريشيءَ عدالت کي آگاهه ڪيو ته مريم نواز جي بريت خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ناهي ڪرائي، حسن ۽ حسين نواز تي سازش ۽ مدد جو الزام آهي. ڊپٽي پراسيڪيوٽر چيو ته ريفرنسن ۾ مک جوابدار بري ٿي چڪا آهن. حسن ۽ حسين نواز جي وڪيل چيو ته اسلام آباد هائيڪورٽ نوازشريف کي بري ڪيو، جن دستاويزن موجب عدالت مريم نواز کي بري ڪيو هو، انهن تي ئي نوازشريف جي بريت ٿي. درخواست ڏيندڙن جي وڪيل چيو ته العزيزيه ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ سزا ٻڌائي ۽ ڊسمبر 2023ع ۾ اسلام آباد هائيڪورٽ نوازشريف جي اپيل منظور ڪئي، نيب نوازشريف جي اپيل منظور ٿيڻ وارو فيصلو به سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج نه ڪيو. دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو ڪجهه دير کانپوءِ ٻڌايو ويو. احتساب عدالت محفوظ فيصلو ٻڌائيندي حسن ۽ حسين نواز کي العزيزيا، ايون فيلڊ ۽ فليگ شپ ريفرنس مان بري  ڪري ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
48%
2m/s
0%
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون