- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سمورن اميدوارن ۽ سياسي پارٽين کي آگاهه ڪندي چيو آهي ته اليڪشنز ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 182 موجب اڄ رات 12هين وڳي بعد ڪوبه شخص ڪنهن به جلسي، جلوس، ڪارنر گڏجاڻي يا ان نوعيت جي سياسي سرگرمي ڪوٺائيندو نه ئي شرڪت ڪندو، ڪوبه شخص جيڪو قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو ته قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.
جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل وقت بعد اليڪشن ڪمپين، اشتهار يا ٻيو مواد پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي نشر ڪرڻ تي پابندي آهي جنهن سان ڪنهن خاص سياسي پارٽي يا اميدوار جي ۾حمايت توڙي مخالفت جو شڪ هجي.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، چونڊ عمل ڪرائڻ تائين ميڊيا تي هر قسم جي پول سروي تي به پابندي هوندي.
جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ميڊيا پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ جي هڪ ڪلاڪ بعد پولنگ جا نتيجا نشر ڪرڻ شروع ڪري سگهندي، جنهن ۾ اهو واضح طور تي ٻڌايو ويو ته هي نتيجو غير حتمي ۽ غير سرڪاري آهي.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، رٽرننگ آفيسر پولنگ اسٽيشنن جو پروگريسو رزلٽ ۽ مڪمل غير حتمي رزلٽ جاري ڪندا، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي سختي سان عمل ڪندا، ڀڃڪڙي تي پيمرا ۽ پي ٽي اي کي قانوني ڪارروائي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن……….- Advertisement -
