اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي ٺهراءَ تي عام چونڊون ملتوي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي ٺهراءَ تي عام چونڊون ملتوي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ 8 فيبروري تي شيڊولڊ عام چونڊن ملتوي ڪرائڻ بابت سينيٽ جي منظور ٿيل ٺهراءَ تي سينيٽ سيڪريٽريٽ کي خط لکي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن خط ۾ چيو آهي ته اوهان جي ٺهراءَ جو جائزو ورتو، اليڪشن ڪميشن صدر جي صلاح مشوري سان 8 فيبروري تي پولنگ جي تاريخ جو اعلان ڪيو. اليڪشن ڪميشن خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته امن امان جي صورتحال يقيني بڻائڻ لاءِ نگران حڪومتن کي هدايتون جاري ڪيون آهن. اليڪشن ڪميشن جي خط ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ته 8 فيبروري تي عام چونڊون ڪرائيندا، ماضي ۾ عام چونڊون ۽ مقامي حڪومتن جي چونڊون سياري جي موسم ۾ ٿينديون رهيون آهن. اليڪشن ڪميشن جي خط ۾ چيو ويو ته هن مرحلي تي ڪرڻ مناسب مشورو ناهي ۽ هن وقت عام چونڊون ملتوي نٿيون ڪري سگهجن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
58%
2.9m/s
7%
خميس
22 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون