تازه ترين

اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڊسمبر 2025 جي پهرين هفتي ۾ ڪرائڻ جو حڪم

- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڊسمبر 2025 جي پهرين هفتي ۾ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پنجاب حڪومت طرفان مڪاني چونڊون ڪرائڻ ۾ بار بار دير ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن طرفان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ مڪاني ادارن جو مدو ڊسمبر 2021ع ۾ مڪمل ٿيو، ٽن سالن کانپوءِ به مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ تي اليڪشن ڪميشن نوٽيس ورتو. اليڪشن ڪميشن موجب پنجاب حڪومت قانونسازي جي لاءِ ٽن مهينن جي مهلت گهري، پنجاب حڪومت بار بار قانونسازي بهاني دير ڪئي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته پنجاب حڪومت جو طرز عمل دير ۽ آئيني ذميوارين جي ڀڃڪڙي آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته پنجاب جون مڪاني چونڊون موجوده قانوني تحت ٿينديون. اليڪشن ڪميشن نئين تڪ بندين جو عمل فوري طور تي شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته تڪ بندين جو عمل ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن موجب پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊيول ڊسمبر 2025ع جي آخري هفتي ۾ جاري ٿيندو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته آرٽيڪل 220 ۾ صوبائي حڪومتن کي ڪميشن جي سهڪار جو پابند ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي روشني ۾ مڪاني چونڊون ملتوي نه ٿيون ڪري سگهجن، آئين جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪئي ويندي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
19 %
3.4kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون