تازه ترين

امريڪا، قرضن ۽ عالمي فنانسنگ جي شيطاني چڪر کان آزادي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو :ميٿو ملر

- Advertisement -
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر چيو آهي ته امريڪا، قرضن ۽ عالمي فنانسنگ جي شيطاني چڪر کان آزادي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران هن چيو ته پاڪستان معيشيت جي ڊگھي مدتي صحت ان جي استحڪام لاءِ اهم آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي نئين حڪومت کي فوري طور معاشي صورتحال کي ترجيح ڏيڻي پوندي. ميٿو ملر چيو ته ايندڙ ڪيترن ئي مهينن جون پاليسيون پاڪستانين لاءِ معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ اهم هونديون. امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان وڌيڪ چيو ته امريڪا پاڪستان تي زور ڏئي ٿو ته هو آءِ ايم ايف ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن سان گڏ ميڪرو اڪنامڪ سڌارن تي ڪم جاري رکي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.2 ° C
33.2 °
33.2 °
4 %
7.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون