- Advertisement -
آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته هو پنهنجون آئيني ۽ عالمي ذميواريون پوريون ڪري.
وائيٽ هائوس ۾ پريس بريفنگ دوران آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو ته پاڪستان حڪومت کي پنهنجون آئيني ۽ عالمي ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن، پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي ۽ پرامن اجتماع جي حقن جو احترام ڪيو وڃي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر پريس بريفنگ دوران پاڪستان جي تازي چونڊن بابت آمريڪي ايوان نمائندگان ۾ پاس ڪيل ٺهراءَ تي تبصرو ڪرڻ کان لنوائي ويو.
واضح رهي ته آمريڪي ڪانگريس گذريل ڏينهن پاڪستان جي عام چونڊن کي آزاد، منصفاڻي تلسيم ڪرڻ کان انڪار ڪندي ٺهراءُ منظور ڪيو هو، ٺهراءَ جي حق ۾ 368 ۽ مخالفت ۾ صرف 7 ووٽ پيا هئا.- Advertisement -
