- Advertisement -
امريڪا ۾ غيرقانوني رهندڙ پناهگيرن کي گوانٽاناموبي موڪلڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هوم لينڊ سڪيورٽي ۽ پينٽاگون کي گوانٽاناموبي ۾ خاص جاءِ ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
امريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ “ليڪن ريلي ايڪٽ” تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، ان ايڪٽ تحت غيرقانوني اميگرينٽس کي گرفتار ڪرڻ، حراست ۾ وٺڻ ۽ جبري بيدخل ڪرڻ سولو ويو آهي.
صدر ٽرمپ جي ٻئي دوري ۾ قانوني حيثيت اختيار ڪندڙ هي پهريون قانون آهي.
بل ڊيموڪريٽس ۽ ريپبلڪنز ٻنهي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو هو جنهن تي صدر ٽرمپ ڊيموڪريٽس جا ٿورا مڃيا.
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته ان قانون سان ڪيترن ئي امريڪين جون زندگيون محفوظ ٿينديون.
صدر ٽرمپ جي ايڪٽ تي صحيح ڪرڻ وقت هوم لينڊ سيڪريٽري جي وزير ڪرسٽي نوئم به موجود هئي.- Advertisement -
