- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص نمائندي اسٽيووٽڪوف جي ماسڪو ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ٿي آهي.
ڪريملن موجب صدر پيوٽن جي امريڪي نمائندي وٽڪوف سان ملاقات لاڀائتي ۽ تعميري رهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات دوران يوڪريني بحران تي ڳالهايو ويو، جڏهن ته آمريڪا ۽ روس جي اسٽريٽجڪ ڀائيواريءَ ۾ اڳڀرائي جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
ان سلسلي ۾ روس جي طرفان ڪجهه اشارا ڏنا ويا آهن ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ طرفان به ڪجهه اشارا مليا آهن.
آمريڪي صدر ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسٽيو وٽڪوف ۽ روسي صدر پيوٽن جي وچ ۾ نتيجا ڏيندڙ ملاقات ٿي آهي.
هن چيو ته ملاقات دوران اهم اڳڀرائي ٿي، جنهن بابت ڪجهه يورپي اتحادي ملڪن کي به آگاهه ڪيو ويو آهي، هر ڪو هن ڳالهه تي متفق آهي ته هاڻي اها جنگ ختم ٿيڻ گهرجي.
ياد رهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ 8 آگسٽ تائين يوڪرين امن معاهدو نه ڪرڻ جي صورت ۾ روس تي نيون پابنديون لڳائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي…..- Advertisement -
